سنڌ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان

“Five minutes before his death he was working on a chart of climate changes in Sindh,” said his wife Madam Farzana while talking to a a newspaper 'Daily Times Sunday'. “He was working manually, not on the computer. He finished his work and died within five minutes. Daily Time Sunday.
Madam Farzana has Master's degree in biochemistry

سائنسي محقق ايم ايڇ پنهور
اسحاق مڱريو
ايم ايڇ پنهور سنڌ جو اهو ناميارو محقق هو جيڪو سؤ سيڪڙو سائنٽيفڪ سوچ رکندڙ هو، هن سنڌ جي تاريخ کان وٺي لوڪ ادب کي به تحقيق جي انهيءَ اک سان ڏٺو- ان ڪري لوڪ قصن تي ڳالهائڻ دوران هن کي تڪراري ماڻهو به سڏيو ويندو هو. هو تحقيق ۾ تاريخ کي جاگرافي جي اک سان ڏسڻ جو قائل هو. ان ڪري هن پنهنجي تحقيق جي بنياد تي سنڌ جا 3 هزار نقشا جوڙيا هئا. انهن نقشن وارو هن جو ڪم غير معمولي آهي. اهي نقشا سنڌ جي تحقيق وارن لاءِ مواد جو هڪ نئون گس ظاهر ڪن ٿا. هو سنڌ جو پهريون محقق هو، جنهن انوائرمنٽ جي اک سان تاريخ کي ڏٺو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دؤر جي خاتمي تي هن جي اهڙي تحقيق جو ٻيو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي جو وڏو سبب درياءَ جي رخ جي تبديلي ڄاڻايو هو. درياءَ جو رخ تبديل ٿيڻ ڪري ڪلهوڙا دؤر جو سمورو آبپاشي نظام ناڪارا بنجي ويو هو. ماحولياتي طور ايڏي وڏي تبديلي جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت اوچتو پٿر جي دور تي وڃي پهتي هئي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ڪلهوڙا دؤر ۾ سنڌ جي نهري سرشتي کي ان دور جي بنيا تي پهريون دفعو ايڏي وڏي ڊولپمينٽ ڪئي وئي هئي. جيڪا درياهه جي رخ جي تبديلي سان پٽ پئجي وئي. اهو ئي سبب هو جو معيشت جي اهڙي تباهي جي بنياد تي ڪلهوڙا دؤر پنهنجي پڄاڻي تي وڃي پهتو. اهڙي ريت ڪلهوڙا دؤر جي متعلق انهيءَ رخ سان پهريون دفعو ايم ايڇ پنهور ئي تاريخ کي ڏٺو هو. ساڳي طرح هن سومرا دؤر کي پڻ ڏند ڪٿائي قصن مان ڪڍي سائنسي طور نقشن جي بنياد تي پورو تاريخي ورثو ظاهر ڪيو.
هن سنڌ کي موسمي طور مختلف زونن ۾ ورهايو هو. ان بنياد تي هن سنڌ جو موسمي نقشو جوڙيو هو. انهيءَ نقشي جي بنياد تي هن ڪيترائي نوان زرعي فصل ۽ فروٽ سنڌ ۾ پوکي سگهجڻ وارا تجربا ڪيا هئا. هن جو کيسانه موري وارو زرعي فارم، اصل ۾ سڄو ريسرچ فارم هو. خبر نه آهي ته ايم. ايڇ پنهور جي انهيءَ ريسرچ مان سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو ڪيترو فائدو وٺي سگهن ٿا. هن سؤ سالن وارن پراڻن وڻن کي نئون جوان ڪرڻ وارو ڪامياب تجربو ڪيو هو. هن اهو تجربو سنڌ جي زراعت کاتي کي ڏيڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ زرعي کاتي وارو صوبائي وزير هن جي فارم جو دورو به ڪري چڪو هو. پر زراعت کاتي جي بيورو ڪريسي ايم. ايڇ پنهور جي انهيءَ ريسرچ کي اڳتي وڌڻ لان في الحال روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ايم. ايڇ پنهور پوڙهن وڻن کي جواڻ ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي کان سواءِ نئون وڻ پوکڻ لاءِ چڪي طور لڳائڻ جي بدران وڻ جي ٽاري مان نئون ٻج ڍاهڻ واري ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي هئي. هن سنڌ جي لاڙ واري آڳاٽي ۽ موافق موسم تي تي زرعي طور هڪ جديد خاڪو جوڙيو هو جنهن پڻ زراعت جو توسيعي کاتو فائدو نه وٺي سگهيو.
ساڳئي طرح هن ڪيميائي ڀاڻ جي بدران گاهه مان وڌيڪ بهتر ڀاڻ ٺاهڻ واري ٽيڪنالاجي پڻ متعارف ڪرائي هئي. جڏهن ته هن انگور،صوف، آڙو، ڏاڙهون، لچي، لونگن ۽ انجير وارا فروٽ پنهنجي فارم ۾ پوکڻ وارو ڪامياب تجربو ڪيو هو. هو سنڌ ۾ ڪيلو پوکڻ وارن بنيادي آبادگارن مان هو. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ڪيلو کائڻ عام ماڻهوءَ جي حيثيت کان مٿي هوندو هو. جڏهن سنڌ جي زرعي معيشت ۾ ڪيلي جي فصل انقلابي تبديلي آڻي ورتي هئي. انهيءَ عرصي دوران ڪيلي جي بيماريءَ ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ورتو هو. ملڪ جي زراعت وارن صوبائي ۽ وفاقي کاتا جڏهن ان بيماري کي ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب نه ويا ته پاڪستان جي حڪومت پاران آسٽريليا جي ماهرن کان ڪيلي جي بيماري ۾ مدد گهري وئي. ضياءَالحق جي دؤر ۾ آسٽريليا جي حڪومت کان انهيءَمدد گهرڻ جي موٽ ۾ آسٽريلين انهن کي ايم. ايڇ پنهور جو ڏس ڏنو ويو. جڏهن ته ايم. ايڇ پنهور پنهنجي ئي فروٽ فارم تي ڪيلي کي لڳل بيماري تي تحقيق ڪري بنچي ٽاپ بيماري طور ڳولي لڌو هو ۽ هن پنهنجي انهيءَ تحقيق وارو مضمون زراعت واري عالمي ميگزين ۾ ڇپايو هو. جنهن جي بنياد تي آسٽريليا جي حڪومت پاڪستان جي ان وقت جي صدر ضياءُالحق کي ايم. ايڇ پنهور کان ڪيلن جي بيماري بابت مدد وٺڻ جي صلاح ڏني هئي. آسٽريليا جي اهڙي اطلاع کان پوءِ ضياءُالحق پيرن اگهاڙو ايم. ايڇ پنهور وٽ پهتو هو ۽ هن سنڌ جي زراعت کاتي وارن کي ايم. ايڇ پنهور کان مدد وٺڻ لاءِ چيو هو. اهو ئي سبب هو جو زرعي يونيورسٽي کان وٺي زرعي ريسرچ وارن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جو ايم. ايڇ پنهور ڌنڌو بند ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري زرعي عملدارن جي ايم. ايڇ پنهور تان آخر تائين ڪاوڙ نه لٿي.
صدر ضياءُالحق ايم. ايڇ پنهور کي انهيءَ ريسرچ جي بنياد تي ستاره امتياز ڏنو هو. ڀٽي مرحوم جي دؤر ۾ جن عملدارن جي نوڪرين تان هٽايو ويو هو. ايم. ايڇ پنهور به انهن ۾ هڪ هو. اهڙو رڪارڊ رکڻ ڪري صدر ضياءُالحق ايم. ايڇ پنهور کان ڀٽو مخالفت ۾ استعمال ڪرڻ به چاهيو. پر ضياءُ واري حڪومت جي چمڪ ايم. ايڇ پنهور کي ڀڀلائي نه سگهي. ايم. ايڇ پنهور سنڌ ۾ جر جي پاڻي تي انتهائي بنيادي نوعيت وارو ڪم ڪيو. هن جر ۾ مٺي پاڻيءَ ڳولڻ لاءِ هڪ نئون فارمولو آزمايو هو. اڇڙي ٿر کان وٺي ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي پوٺن تي هن اهو فارمولو لاڳو ڪيو هو. هن اهڙن علائقن ۾ مٺو پاڻي ڳولڻ لاءِ پراڻن تاريخي پڊن ۽ قبرستانن وٽ کوٽائي ڪري مٺو پاڻي هٿ ڪيو هو. هن جو چوڻ هو ته پاڻي تاريخي طور مٺي هجڻ ڪري ئي قديم آباديون قائم ڪيون هونديون. اهڙي ابتدائي معلومات کان پوءِ هن پنهنجي ڪم کي اڳتي وڌايو هو. اهڙي طرح رني ڪوٽ واري تاريخي قلعي لاءِ هن جو چوڻ هو ته پاڻيءَ جو ڪوبه ذريعو نه هئڻ ڪري هيءُ قلعو ڪڏهن به رهائش طور استعمال ۾ نه آيو آهي. اهڙي طرح هن جو سنڌ جي ڪچي تي پڻ بنيادي نوعيت وارو ڪم ڪيل آهي. سنڌ جي 20 لک ايڪڙن واري ڪچي جي ڪشمور کان وٺي کاروڇاڻ تائين هر ڍورو واهڙ ۽ ڍنڍون هن جون سروي ٿيل هيون.
جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان واپڊا ۽ حڪومت جي ٻين اختيارين پاران مهم شروع ڪئي وئي هئي. اهڙي مهم جو پهريون اجلاس بدين ۾ ٿيو هو. جڏهن ان وقت جي واپڊا جي چيئرمين جنرل ذالفقار ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي جي موٽ ۾ جڏهن ڪچو نه ٻڏي سگهڻ واري ڳالهه جي موٽ ۾ اتي 3 هزار ٽيوب ويل لڳرائي ڏيڻ وارو لالي پاپ ڏنو، انهيءَ موقعي تي ايم. ايڇ پنهور سنڌ جي ڪچي جي جر واري پاڻيءَ جي ڪشمور کان وٺي کاري ڇاڻ تائين چپي چپي جو تفصيل ڏنو ته ڪٿي جر جو پاڻي مٺو آهي ۽ ڪيتري علائقي جو جر کارو آهي.ان ڪري 40 سيڪڙو ڪچي جو کاري جر واري علائقي لاءِ واپڊا وٽ ڪهڙو منصوبو آهي ته ان وقت واپڊا جو چيئرمي چپ ٿي ويو هو. سنڌو درياهه جو سمونڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ کان پوءِ پلي جو نسل ختم ٿيڻ واري صورتحال جي ڪري ايم. ايڇ پنهور ايل بي او ڊيءَ واري پاڻيءَ تي پلي جو مصنوعي نسل وڌائڻ واري منصوبي تي پڻ وڏو ڪم ڪيو هو. پر ايل بي او ڊي جي زيرو پوائنٽ واري ماهيگري تي رينجرز جو قبضو هئڻ ڪري ايم. ايڇ پنهور پنهنجي انههيءَ منصوبي تي اهو چئي وڌيڪ ڪم جاري نه رکيو. انهيءَ منصوبي تي ماهيگرن جي بدران رينجرز وارا قبضو ڪري ويندا.
هو گهڻ پاسائين شخصيت هو، هو ريسرچ کي وڏي اهيمت ڏيندڙ هو، هن جو گهر خود هڪ ميوزم هو. هن جي گهر جون ديوارون هڪ پاسي خداآباد جي تاريخي مسجد ۽ ٺٽي جي شاهه جهان مسجد جي آرڪيٽيڪچرنگ واري ڪاشيءَ جي طرز تي جوڙيل آهن. هن جي گهر ۾ جوڙيل لائبريري ۾ 30 هزار ڪتاب گڏ ڪيل آهن. هن کيسانه موري وارو زرعي فارم ۽ لطيف آباد وارو گهر پنهنجي ريسرچ واري ٽرسٽ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هن کي جڏهن ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا ته به ڏاڍو تڪليف ۾ آيو هو. هـُـو جڏهن ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو هو جتي هن کي ڌڪ هڻي هن جي پاسراٽي ڀڃي وڌي هئائون. پر هن کي ان ڌڪ جو به ايڏو سور نه هو پر هن کي انهيءَ ڌڪ جو سور ضرور هو جڏهن 2007ع وارين برساتن ۾ لطيف آباد ڇڏي وڃڻ ڪري ايم. ايڇ پنهور جو گهر ٻڏي ويو هو. جنهن ۾ هن جي لائبرري ٻڏي وڃڻ ڪري هن جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو مسودا به ٻڏي وڃڻ ڪري مڪمل خراب ٿي ويا هئا.

حيدرآباد
(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جو ناميارو زرعي سائنسدان، انجنيئر، محقق، تاريخدان ۽
آرڪيالاجسٽ ايم ايڇ پنهور گذريل رات(23-04-2007)
لطيف آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي 2 8
سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو گذريل ڪافي وقت کان بيمار هو، تازوئي سخت بيماري
کانپوءِ سندس طبيعت ۾ ڪجهه بهتري آئي هئي پر رات هو هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ايم ايڇ پنهور جنهن جو اصل نالو محمد حسين هو، سو 5 2 ڊسمبر 5 2 9 1 تي ڳوٺ محمد ابراهيم پنهور ضلعي دادو ۾ ڄائو، هن مڪينڪل ۽ اليڪٽريڪل ۾ انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته هن ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ۾ پڻ ايم ايس سي جي پڻ ڊگري حاصل ڪئي، ايم ايڇ پنهور جا هسٽري، آرڪيالاجي ۽ ايگريڪلچرل تي لاتعداد ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل موضوعن تي سندس مقالن جو تعداد سوين ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ايم ايڇ پنهور جي مشهور ڪتابن ۾ سورس مٽيريل آن سنڌ، ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، سومرا پيرڊ هسٽري آف سنڌ، ماسٽر پلان ايريا گرائونڊ واٽر ان بلوچستان، گرائونڊ واٽر ان ڪراچي، گرائونڊ واٽر ان سنڌ، گرائونڊ اينڊ سرفيس واٽر ان ايرڊ زون، گرائونڊ واٽر ان دادو ڊسٽرڪٽ ۽ مسلم عورت شامل آهن، ايم ايڇ پنهور سوين عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي زراعت، تاريخ ۽ آرڪيالاجي جي حوالي سان پنهنجا مقالا پڙهيا، کيس ملڪي ۽ عالمي سطح تي هڪ مڃيل عالم ۽ محقق جي حيثيت حاصل هئي، مرحوم جي ميت کي رات دير سان ڪراچي نيو پي ويو، جتي کيس سپرد خاڪ ڪرڻ جا اطلاع آهن، ايم ايڇ پنهور جي ڏکائيندڙ لاڏاڻي تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ غم جي لهر ڇائنجي وئي آهي، سنڌ جي ناميارن ليکڪن عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، امداد حسيني، تاج جويي، ذوالفقار سيال، اياز گل، ادل سومري، مرتضيٰ شاه ڏاڏاهي، سرفراز راڄڙ ۽ ٻين پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايم ايڇ پنهور جي وفات سان سنڌ هڪ وڏي عالم ۽ محقق کان محروم ٿي وئي آهي
He was more than a university to Sindh. Without a doubt none can reproduce a personality like him in many centuries to come!
All Sindhis must visit his site and pray for his departed soul.
![]()
Panhwar,
born on December 25, 1925, was an expert in environment, history, archaeology,
anthropology, historical geography and geology. After acquiring a BS in
mechanical engineering (1949) and an MS in Agriculture Engineering (1953),
Panhwar specialized in ground water development, earth moving, agricultural
machinery, water logging, salinity control drainage, and agriculture.
He worked with the governments of Sindh and West Pakistan as an agricultural
engineer for four years and also worked as a superintending engineer for Sindh
and Baluchistan for 12 years up to end 1969. From 1970 to date he was running a
consulting company specializing in irrigation, water logging, drainage,
agriculture, scientific equipment, and horticulture. He wrote 10 books on ground
water in Sindh and many articles on the Thar and Kohistan deserts.
In 1964, he established a horticulture farm specializing in fruit crops. This
was later converted into a research farm in 1985 for introducing new fruit crops
suited to Sindh’s climate, and which developed many new varieties of fruit
crops, including, 17 types of mango, six types of lychee, and many others. He
authored 36 books on culture and fruit crop post-harvesting. Many of them are
not printed yet.
Considered a one-man ‘Sindhologist’, his hobby was the study of Sindh, and he
published more than 500 pages on various aspects of Sindh. Six more books on
Sindh are also ready in press. His personal library has some 50,000
non-fictional books almost equally divided on Sindh, horticulture, engineering,
and the environment.
He lived at 157-C, Unit No.2, Latifabad, and ran his consultancy and research
work from an office at 54-D, Block-9, Clifton, Karachi, Pakistan. In June 2003
Panhwar established a trust to undertake social work in Sindh and transferred
his home, office, farm, and other property to its name.
He was honored with a number of awards including a medal from Sindh University
in 1949 for securing the first number in first class in B.E. (Mech. and Elec.).
He was awarded the Sitara-e-Imtiaz by the President of Pakistan in 1992 for
outstanding work in engineering and agriculture.
His publications include Water Requirements of the Riverain Area of Sindh,
Sustainable Methods as Applied to Raising Fruit Crops, An Illustrated Historical
Atlas of the Soomra Kingdom of Sindh, The Chronological Dictionary of Sindh, The
Development in the Study of History and Archaeology in Sindh, The Heroic
Struggle of Sindh Against Feudalism, The Economic Plight of Sindh Under
Pakistan, The Inevitability of the Conquest of Sindh by the British in 1843, A
Visit to Dharhiaro Hill Peak in Search of a Summer Hill Resort in Sindh, Fixing
of Boundaries of Sindh -1843-1947, Alleviation of Rural Poverty, Ranikot Fort
(its odd location and why?), The Influence of Ancient Sciences Including Those
of Sindh on Al-Razi - the Great Persian Scientist, Sindh - the Archaeological
Museum of the World, Causes of the Decline of Persians in Pakistan, Policing in
the Past in Sindh - a case study, Ghulam Shah Kalhora and His Relations with
Kutch, On the Uniqueness of the Dadu District in Sindh, The Large Dams - Their
Disadvantages and Objections to Their Construction by Aid Giving Agencies, and
many more.
He leaves behind four sons - Rafi Hussain, Tariq Hussain, Sani Hussain, and
Muhammad Ali, who all are settled in the USA. His first wife passed away and his
second wife, Farzana, is a bio-chemist.
Linguistic expert, Aftab Abro, said that Panhwar was an encyclopedia of Sindh.
“These days he was working on an atlas of Sindh,” he said.
Politician Imtiaz Shaikh said it was unfortunate that none of the governments
had tried to benefit from his research.
Director of Culture Manzoor Kanasro said that Panhwar’s Atlas of Sindh would
have been the first such book in Asia. He said that most countries in Asia
didn’t work on atlases, that are usually prepared by people from America,
Germany and England.
Taken from Daily Time Sunday
NOTE: Following publications are available for downloading in Adobe Acrobat Format from his website. The a sample list is reproduced here to pay tributes to his dedicated work.
Books
|
The development in the study of history and archaeology of Sindh |
Other links
http://en.wikipedia.org/wiki/Panhwar
These pages have been produced here from leading Sindhi newspapers for research, education and public awareness only. No commercial or financial gain is intended. The sole purpose is to give another chance to Sindhi people who may have missed these valuable articles and news.
Courtesy of Sindhi Daily Kawish Daily Ibrat and www.panhwar.com
Copyrights 2001-2007 © to all researchers, students and educators from Sindh and well-wishers of Sindh to download and reuse information at their own risk. All the resources are free to use for non-commercial and educational purpose. If you have any suggestions, comments or would like to report useful or broken links, please send an email to webmaster sindh2uk.